پيپلزپارٽي اليڪشن سيل جي انچارج نجمي عالمي کان عهدو واپس ورتو ويو، ڪراچي واٽر بورڊ جو وائيس چيئرمين مقرر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي اليڪشن سيل جي انچارج کان عهدو واپس ورتو ويو. سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي اليڪشن سيل جي انچارج نجمي عالم کي ان عهدي تان هٽائي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي طرفان نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيپلزپارٽي اليڪشن سيل جو اڳوڻو انچارج نجمي عالم هاڻي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو وائيس چيئرمين هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *