پيٽرول ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ نه ٿيڻ سان  خزاني تي 700 ارب رپين جو اضافي بار پوندو:  ناڻي وزارت

اسلام آباد(م.د) پيٽروليم ۽ بجلي جا اگهھ نھ  وڌائڻ سان قومي ناڻي تي 700 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، جيڪو ڪلجي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو جي برابر آهي.  ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ 5 رپيا گهٽتائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيڻ سان 700 ارب رپين جو اضافي بار برداشت ڪيو پيو وڃي.  ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب هي اضافي بار جي ڊي پي جي 1 سيڪڙو جي برابر آهي، پيٽروليم شين ۽ بجلي جا اگهه نه وڌيا ته آءِ ايم ايف جو پروگرام متاثر ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيڻ سان 360 ارب رپين جو نقصان ٿيندو، پيٽروليم ليوي ۽ سيلز ٽيڪس وصول نه ڪرڻ سان آمدني ۾ 250 ارب رپين جي گهٽتائي ٿيندي. ذريعن موجب بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي سان 150 ارب رپين جي اضافي سبسڊي ڏيڻي پوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *