پيٽرول جي بحران تي قوم کان معافي گهرون ٿا: خواجه سعد رفيق

لاهور (م.ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پيٽرول جي بحران تي قوم کان معافي وٺندي چيو آهي ته تسليم ڪريون ٿا ته اسان کان وڏي غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي آهي، پيٽرول جون قيمتون گهٽجڻ کانپوءِ طلب وڌڻ جو لاڳاپيل وزارت کي اندازو هئڻ گهرجي ها، ريلوي وٽ ڊيزل جي ڪا کوٽ نه آهي ۽ اسان وٽ 14 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي جيڪو انشاالله 30 ڏينهن تائين ٿي ويندو، اسان جوڊيشل ڪميشن ناهيون ڀڳا، اڃا اين اي 122 جو فيصلو نه آيو آهي، عمران خان پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، چوڌري پرويز الاهي جي نالائقي سبب باب پاڪستان منصوبي جي مد ۾ عوام جو هڪ سئو 10ڪروڙ رپيا زمين ۾ دفن ٿي ويو ۽ هي منصوبو نئين سر شروع ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سيون اپ فاٽڪ کان فيروز پل روڊ تائين روڊ جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو، هن ٻڌايو ته هي روڊ 10 ڪروڙ رپين جو لاڳت سان 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان نه صرف ويجهن آبادين کي سهولتون مهيا ٿينديون پر والٽن روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءَ گهٽ ٿي ويندو، هن ٻڌايو ته باب پاڪستان جو عظيم منصوبو هن سال شروع ٿيندو، اسان ڪيترن ئي سالن جي محنت کانپوءِ اهو ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، هن جو ٽرسٽ ٺهي ويو آهي، وزيراعليٰ ان جو چيئرمين ۽ مان وائيس چيئرمين آهيان، وزيراعليٰ خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي، اسان هن منصوبي کي نئين سر ڊزائين ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *