پيٽرول جو بحران پيدا ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته نائين اليون کانپوءِ سڄي دنيا خاص  ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هٿي ملي آهي، صورتحال تي ضابطي جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو وڌائي 9 ڏهائي 9 ڪيو ويو آهي. بلوچستان ترقياتي فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته هو دل سان بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ 142 صوبائي منصوبن ۾ وفاق بلوچستان جي مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڏيڍ سال ۾ بلوچستان مثالي ترقي ڪئي آهي، جنهن ۾ سڪيورٽي صورتحال جي بهتري، مڪاني حڪومت جي چونڊ ۽ ترقياتي منصوبن جو ڄار شامل آهي. وزير اعظم چيو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 5 ڏهائي 8 سيڪڙو مان وڌائي 9 ڏهائي 9 ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف پراجيڪٽس تي ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته ڪيچ ۾ ڪولڊ اسٽوريج جي قيام لاءِ 500 ملين رپيا بلوچستان جي حڪومت جي درخواست تي مخصوص ڪيا آهن. وزير اعظم چيو ته گوادر-تربت-خوشاب-رتوديرو روڊ ۽ ڪيترائي بجلي منصوبا به بلوچستان لاءِ قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن سان خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي بلوچستان سميت ملڪ کي ترقي وٺرائي ويندي. وزيراعظم نواز شريف پيٽرول جــِي بحران تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪنديَ بحران جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته شهرين کي پريشان ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ پيٽرول جي بحران تي 2 اهم اجلاس ٿيا. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف سميت مختلف کاتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي اختيارين پاران پيٽرول بحران تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم پيٽرول جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عوام جي شڪايتن جو کين احساس آهي. نواز شريف چيو ته شهرين کي پريشان ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو ۽ کين معاف نه ڪيو ويندو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل پهرين اجلاس دوران پيٽروليم ۽ ناڻي وارن وزيرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته هڪٻئي تي الزام به هنيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *