پيٽرول بحران: جاچ ڪميٽي اوگرا کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پيٽرول بحران جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي، شروعاتي جاچ رپورٽ وزيراعظم آڏو پيش ڪري ڇڏي، ڪميٽي بحران جو ذميوار اوگرا کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پيٽرول بحران جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. گذريل ڏينهن پيٽرول بحران جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽيءَ شروعاتي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي. جاچ رپورٽ ۾ بحران جو ذميوار اوگرا کي قرار ڏنو ۽ چيو ته پيٽرول جي اوچتو کوٽ ٿيڻ اوگرا جي سنگين ناڪامي آهي. اجلاس دوران پيٽرول جي کوٽ تي معطل ڪيل 4 آفيسرن کي معطل ڪرڻ واري فيصلي جي به منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي ته بنا دير پيٽرول بهران جو حل ڪڍيو وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جو مستبقل ۾ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي. واضح رهي ته وزيراعظم پيٽرول بحران جو نوٽيس وٺندي 4 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ پيٽروليم سيڪريٽري عابد سعيد، ايم ڊي پي ايس او امجد جنجوعا، ايڊيشنل سيڪريٽري نعيم ملڪ ۽ ڊي جِي آئل محمد اعظم شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *