پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون پڌريون، جاچ جو اعلان

 اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ) پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جو آف شور ڪمپنيون سامهون اچي ويون آهن. پينڊورا پيپرز ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي آف شور ڪمپني، جڏهن ته وفاقي وزير مونس الاهي ۽ سينيٽر فيصل واوڊا جي به آف شور ڪمپني سامهون آئي آهي. جاچ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزير عبدالعليم خان جي آف شور ڪمپني سامهون آئي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي پٽ جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهي. پينڊورا پيپرز ۾ پ پ جي شرجيل ميمڻ جي آف شور ڪمپني به شامل آهي، ان کانسواءِ وفاقي وزير خسرو بختيار جي گهر ڀاتين جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ سامهون آئي آهي. وزيراعظم جي اڳوڻي خاص مددگار وقار مسعود جي پٽ جي به آف شور ڪمپني نڪري آئي، جڏهن ته ايگزيڪٽ جي مالڪ شعيب شيخ جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهي. پينڊورا پيپرز ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن، ڪجهه بئنڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جون پڻ آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن. پينڊورا پيپرز هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل آهي ۽ جاچ ۾ دنيا جي 117 ملڪن جي 150 ميڊيا ادارن جي 600 کان وڌيڪ رپورٽرن حصو ورتو. صحافتي دنيا جي سڀ کان وڏي جاچ ۾ پاڪستان مان دي نيوز جا عمر چيمه ۽ فخر دراني شريڪ ٿيا. ناليواري شخصيتن جي نالي معاملن جي جاچ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيو، ناليواري شخصيتن جي مالي معاملن تي ٻڌل پينڊورا پيپرز ۾ پاناما پيپرز کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن. واضح رهي ته 2016 ۾ جاري ٿيندڙ پاناما پيپرز ۾ 444 پاڪستانين جا نالا شامل هئا. جيڪڏهن قانون موجب آف شور ڪمپني ڊڪليئر ڪئي وئي هجي ۽ ڪمپني ڪنهن غير قانوني ڪم لاءِ استعمال نه ٿي هجي ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو غير قانوني عمل ناهي.  ٻِئي طرف وزيراعظم عمران خان پنڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستانين کان جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنڊورا پيپرز کي ڀليڪار ڪيون ٿا، پنڊورا پيپرز اشرافيا جي ناجائز طريقي سان گڏ ڪيل دولت کي بي نقاب ڪري ٿو، ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني سان گڏ ڪيل دولت مالياتي پناهه گاهن ۾پهچي ويندي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي اداري چوري ڪيل اثاثن جو اندازو 7 ٽريلين  ڊالر لڳايو آهي، اها دولت وڏي پيماني تي آف شور ٽيڪس هيونز ۾ منتقل ڪئي وئي. عمران خان چيو ته منهنجي حڪومت پنڊورا پيپرز ۾ آيل سمورن ماڻهن جي جاچ ڪندي، جيڪڏهن ڪا به غلطي ثابت ٿي ته مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مان عالمي برادري کان مطالبو ڪيان ٿو ته اها هن سنگين ناانصافي کي موسمياتي تبديلي جي بحران جيان سمجهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته امير ۽ غريب رياستن جي وچ ۾ اڻ برابري ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته غربت ۾ واڌ ٿيندي، غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن روزگار جي لاءِ سيلاب ايندو جنهن سان سڄي دنيا ۾ وڌيڪ معاشي ۽ سماجي عدم استحڪام پيدا ٿيندو. واضح رهي ته 2016 ۾ جاري ٿيندڙ پاناما پيپرز ۾ 444 پاڪستانين جا نالا شامل هئا پنڊورا پيپرز ۾ 700 کان مٿي پاڪستانين جا نالا شامل آهن جن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جا مک ماڻهو به شامل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *