پيمرا ۾ مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ موثر مڪنيزم موجود آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پيمرا ۾ مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي لائيو ٽيليڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير ٿئي ٿي ان وقت اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو جيڪڏهن ڪوئي اهڙو مارننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊنٽ جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ته ان کي ذاتي طور تي ڏسندس سومر تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پيمرا جي 2015 جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو پيووڃي مريم اورنگزيب چيو ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊنٽ جا مختلف سيڪشنز آهن عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ لاءِ ٽول فري نمبر به ڏنو ويو اهي ته جيئن ڪائي اهري شئي جيڪا رپورٽ جا مانيٽر نه ٿي هجي ان تي ايڪشن وٺي سگهجي هن چيو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ بهتر آهي پيمرا جي رينجنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شڪايتن جو مڪنيزم موجود آهي ته جيئن ڪوبه اهڙو مواد اچي ته ان جو فوري سدباب ڪري سگهجي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪوڊ آف ڪڊنٽ جي ڀڃڪڙِ ٿي آهي ته اسيمبلي ميمبر ٻڌائين ان معاملي کي ذاتي طور ڏسندس هن چيو ته شام 7 وڳي کان پوءِ ٿيندڙ ٽاڪ شوز جي ڀيٽ ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو مارننگ شوز جي مواد کي مانيٽر ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *