پيءُ ظالم هو، ماءُ تي تشدد ڪندو هو، کيس ياد به نه ڪندي آهيان: فضا

 

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره فضا علي جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ ظالم هو ۽ هو والده تي تشدد ڪندو هو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي فضا علي جو چوڻ هو ته منهنجي والد بابت گهڻن ماڻهن کي خبر ناهي ڇو ته مان اڪثر چئي ڇڏيندي هيس ته والد صاحب منهنجي ننڍپڻ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پر جيڪڏهن سچ پڇو ته مونکي خبر ناهي ته والد جيئرو آهي يا مري چڪو آهي. فضا علي جو چوڻ هو ته والد ظالم هو ۽ والده تي تشدد ڪندو هو هڪ ڀيرو هن امي کي ايترو ماريو جو سندس ڏند ڀڃي پيا جنهن سبب والده جي منهن مان رت وهڻ لڳو ايتري حد تائين جو فرش تي رت ئي رت هيو جنهن تي پاڙيسرين کيس اسپتال منتقل ڪيو. اداڪاره چيو ته والد ذميوارين کان ڀڄڻ وارو شخص هو. کيس ڪمائڻ جو ڪو شوق نه هو جڏهن ته والده پيسي واري هئي ۽ پيءُ لالچي هجڻ سبب هر وقت ماءُ کان پيسا گهرندو رهندو هو ۽ نه ملڻ تي والده کي تشدد جو نظانو بڻائيندو هو. فضا علي جو چوڻ هو ته پيءُ اهو هوندو آهي جيڪو ٻارن جي ڳڻتي ڪري، انهن جي مستقبل بابت سوچي. پر منهنجي پيءُ ۾ اهڙو ڪجهه نه هو. والده ئي اسان لاءِ سڀ ڪجهه هئي. سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي والد کي ڪڏهن ياد ناهي ڪيو ڇو ته هن جيڪو ڪجهه اسان سان ڪيو اهو ٺيڪ نه هو. واضح رهي ته ان کان اڳ به پاڪستاني اداڪارائون اهڙو اظهار ڪنديون رهن آهن ته سندن پيءُ سخت مزاج جو هوندو هو ۽ کين شوبز ۾ اچڻ کان روڪيندو هو. ٻين اداڪارائن به سندن والدين جي سخت هجڻ بابت ڪيترائي ڀيرا بيان ڏنا آهن جڏهن فضا علي پهريون ڀيرو ڳالهايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *