پولٽري ايسوسيئيشن کي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ سبب 1315 ملين نقصان جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آڊٽ عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن کي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏني وئي، جنهن سبب 1315 ملين جو نقصان ٿيو. رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي غور ڪيو ويو آهي. آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان پولٽڙي ايسوسيئيشن کيگهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏني وئي ۽ گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ سبب 1315 ملين جو نقصان ٿيو. فوڊ سيڪيورٽي عملدارن ٻڌايو ته اهو اي سي سي جو فيصلو هو ان وقت ڪڻڪ جهجهي مقدار ۾ موجود هئي، ان تي منزه حسن جو چوڻ هو ته گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ جو حڪم ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو؟ اياز صادق جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شاهد خاقان گهٽ اگهه تي ايل اين جي تي پڪڙجي ٿو ته انهن کي به پڪڙڻ گهرجي، ان تي جي آءِ ٽي ٺهڻ گهرجي، هي حڪومت وڃي ٿي ته سمورا نيب جا ڪيسز آه. خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڇڏيو ڪيستائين نيب جي ڪڍ لڳل رهندا؟ ايف آءِ اي ۽ نيب ڪمپرومائزڊ ادارا آهن، ان تي اياز صادق خواجا آصف کي چيو ته جيڪڏهن اواهن اهو فيصلو ڪريو ٿا ته اوهان جيل ۾ هوندا. ابراهيم خان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪڻڪ سر پلس هئي ته درآمد ڇو ڪئي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *