پوليس ۽ پ پ ڪارڪنن جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهن گذريل ڏينهن پوليس تي حملا ڪيا ۽ لياري ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن نذير بلوچ قتل ڪيو، ڪراچي آپريشن پنهنجي ڪياميابي تائين جاري رهندو ۽ ان لاءِ آپريشن ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي ماريندڙن کي  پڪڙي سزا ڏني وڃي ته جيئن آپريشن جو قانوني مقصد پورو ٿي سگهي جڏهن ته سمورن ادارن کي ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته جن ماڻهن جو خيال آهي ته منهنجي ڳلي ۾ سنڌي اجرڪ آهي ته هو غلط فهمي جو شڪار آهن ڇو ته هي سنڌو اجرڪ آهي جيڪو سنڌ جي قيام کان گهڻو عرصو پهريان به موجود هو ۽ اسان جي ختم ٿيڻ کانپوءِ به جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *