پوليس ۽ ميڊيا تي حملا دهشتگردن جو آخري وار آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نيپرا کي بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 19 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي هدايت ڪري ڇڏي، نواز شريف جو چوڻ آهي ته ڪراچي آپريشن سمورين سياسي جماعتن جي اتفاق سان شروع ڪيو جيڪو منطقي انجام تائين جاري رهندو، آپريشن بعد شهر ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻو پرامن بڻجي ويو آهي، پوليس ۽ ميڊيا تي حملا دهشتگردن جو آخري وار آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ جي چيمبرز ۽ اپٽما جي عهديدارن جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم نيپرا کي هدايت ڪئي ته بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 19 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وڃي. نواز شريف اها به هدايت ڪئي ته 2 رپيا 14 پئسا في يونٽ گذريل بجلي بلن جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ به گهٽتايا وڃن. وزيراعظم چيو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو، هـُو امداد وٺڻ جي حق ۾ نه ناهن پاڪستان خودمختيار ملڪ آهي. نواز شريف چيو ته ڪراچي آپريشن سمورين سياسي جماعتن جي اتفاق سان شروع ڪيو جيڪو منطقي انجام تائين جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته آپريشن بعد شهر ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻو پرامن بڻجي ويو آهي، هڪ يا ٻن واقعن سان گهٻرائڻ نه گهـُرجي. نواز شريف چيو ته پوليس ۽ ميڊيا تي حملا دهشتگردن جو آخري وار آهي، ڪراچي آپريشن کانپوءِ ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيو، شهر کي جلد امن وارو شهر بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته نفرت ۽ دهشتگردي پکيڙيندڙ تنظيمون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ضرب عضب آپريشن ۾ فوج سميت سمورن سڪيورٽي ادارن ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪي ترقي لاءِ برآمدي واپار ۾ واڌ اڻٽر آهي ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان برآمدي واپار جي شعبي ۾ سٺي ترقي ناهي ٿي، ڏکيائين جي حل لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته هـُو بزنس ڪميونٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهين پر سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته برآمدي واپار ۾ واڌ ۽ روينيو جمع ڪرائڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. چيمبرز ۽ اپٽما جي عهديدارن جي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، واپار واري وزير خرم دستگير، پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي، ايف بي آر چيئرمين طارق باجوه سميت ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ معاشي صورتحال، ايڪسپورٽ پروموشن ۽ واپارين جي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو. صنعتن لاءِ مراعاتي پيڪيج، ٻارڻ، گئس، بجلي جي بنا رنڊڪ جي فراهمي وارا معاملا پڻ غور هيٺ آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *