پوليس کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ ۽ پيشيوار صلاحيتن وارن آفيسرن کي اهم ذميواريون سونپيون وڃن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي جي صدارت ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ پوليس ۾ سڌارن جو جائزو ورتو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ پوليس واسطيدار عملدارن کي هدايتون ڪيون ته پوليس کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ ۽ بهترين پيشيور صلاحيتن جي مالڪ پوليس آفيسرن کي ئي اهم ذميواريون سونپيون وڃن. اجلاس ۾ ڏوهارين سان لاڳاپن جي بنياد تي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي پوليس مان نيڪالي ڏنل ۽ بعد ۾ نوڪرين تي بحال ٿيل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ۽ انٽيليجنس رپورٽ، اسڪروٽني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سامهون آيل ملازمن خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن تحت اهڙن آفيسرن کي پوسٽنگ تان هٽائڻ کان پوءِ ضروري کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ پوليس طرفان قائم ڪيل ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي تي ٻڌل 2 رڪني ڪميٽي ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي ڇنڊڇاڻ ڪندي ۽ 15 ڏينهن اندر فيصلي جي روشنيءَ ۾ تعميلي رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس ۾ ڀرتي جي خواهشمند اميدوارن جي باري ۾ معلومات جي تصديق واسطيدار ٿاڻي، پوليس رينج ۽ زون سان گڏوگڏ خاص ڪري سي آر او مان به ڪرائي ويندي ته جيئن ڪرمنل رڪارڊ وارو ڪو به اميدوار پوليس ۾ مقرر نه ٿي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس ۾ مقرري لاءِ ڪامياب اميدوارن کان انٽرويو لاءِ نفسياتي ماهرن جون به خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اجلاس ۾ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ غفلت ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي وارن معاملن تي پڻ فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق احمد مهر، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *