پوليس جي ڪارڪردگي ڏسي اسان کي به ڏک ٿئي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپته ماڻهن کي بازياب نه رڪائڻ تي عدالت پوليس ۽ جي آئي ٽي عملدارن تي ڪاوڙ ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بئنچ جي اڳيان غائب ماڻهو بازياب نه ٿيڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي غائب شهري عبدالرحمان جي والده جي عدالت جي ڪمري ۾ دانهن فرياد غائب شهري فهيم جي ڀائرن به عدالت م دانهون ڪيون غائب شهري جي ڀاءُ چيو ته ڀاءُجي گم ٿي وڃن جي صدمي ۾ امڙ جو لاڏاڻو ٿي ويو آهي، فهيم سان گڏ ثاقب ڀٽي نالي شهري کي به حراست ۾ ورتو ويو هو ثاقب ڀٽي واپس اچي چڪو آهي فهيم ساڍن 6 سالن کان لاپته آهي عدالت شهري ثاقب ڀٽي جي بيان جي ڪاپي به طلب ڪري ورتي. غائب ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت پوليس ۽ جي آئي ٽي عمدلارن تي ڪاوڙجي پئي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا تهغائبماڻهن جا گهرڀاتي ڌڪا کائي کائي ٿڪجي پيا آهن گم ٿيل شهري ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن يا ڪنهن حراستي مرڪز ۾ قيد آهن. پوڙهين عورتن جو به ڪنهن کي فڪر نه آهي پوليس جي ڪارڪردگي ڏسي اسانکي به افسوس ٿئي ٿو عدالت پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارنکان اڳڀرائي رپورٽون طلب ڪندي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *