پوليس جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ ڪري امن جو اهو حال آهي، ننڍن آفيسرن خلاف ڪارروائي سان ڪم نه هلندو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سي ٽي ڊي جي رپورٽ ۾ سنڌ پوليس جي 12 هزارن کان وڌيڪ اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ اربع تي ڏوهاري سرگريمن ۾ ملوث پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن خلاف ڪاروائي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن  سي ٽي ڊي جي  ايڊيشنل آئي جي ثناءَ الله عباسي جي سربارهي ۾ ٿي. ٿيندڙ جاچ جي انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي وئي. سي ٽي ڊي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ پوليس جا 12 هزارن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ لک 9 هزار اهلڪارن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو، شاهديون ملڻ تي ساڍن ٽن سون اهلڪارن جي خلاف سزا جي سفارش ڪئي وئي. ڏوهن ۾ ملوث 17 اهلڪار هٽايا ويا، جڏهن 122 جي جبري رٽائرمينٽ  ڏني وئي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇيو ته اهو ٻڌايو ته اعليٰ آفيسرن جي خلاف ڪاروئي ڇو نه ٿي. اهو نه هلندو ته صرف ننڍن آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جسٽس سجاد علي چيو ته ڇا اسانکي خبر نه آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي عدالت ٻڌڻي دوران سنڌ جي  چيف سيڪريٽري کي به عدالت ۾ فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر هو پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل چيف سيڪريٽري جي ڌيئرن جي شادي آهي. عدالت ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *