پوري ملڪ ۾ 300 کان400 تائين مدرسا دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت ملي ويا آهن: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه مدرسن جي دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت ملي ويا آهن، هاڻوڪي سرڪار ماضي جي غلط فيصلن جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، سوچ تبديل نه ڪئي وئي ته دهشتگردي وارو عذاب ختم نه ٿيندو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.ايوان کي ڄاڻ ڏيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد جي مدرسن بابت بيان کي غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ جا 3 کان 4 سيڪڙو مدرسا دهشتگردي ۾ ملوث آهن، جنهن جا کين ثبوت ملي ويا آهن.خواجا آصف چيو ته ماضي جي حڪومتن ۾ غلط فيصلا ڪيا ويا، جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، جيستائين سوچ تبديل نه ٿيندي، دهشتگردي جي غذاب مان جان نه ڇٽندي.بچاءَ واري وزير خواجا آصف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب هلي رهيو آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *