پوري ملڪ ۾ ڪشميرين سان ايڪتا جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ملڪ ۾ عام موڪل

مظفرآباد/سري نگر/اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽانِ) ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ۽ بيروني ملڪ ڪشمير ايڪتا ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ڪشمير ڊي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪئي ويئي پاڪستان جا سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي پاڪستاني عوام ۽ ڪشميري آزاد ڪشمير کي پاڪستان سان ملائيندڙ سمورن رستن تي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ويئي جڏهن ته حريت ڪانفرنس ڪشمير ايڪتا ڏينهن ملهائڻ تي پاڪستان جي حڪومت عوام ۽ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 07

سياسي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو تفصيل موجب ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين ملڪ ڪشمير ايڪتا ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. مظفرآباد ۾ ڪوهلا پل وٽ انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ويئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ڪشمير ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان مخلتف سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۽ تنظيمن پاران مظاهرن ريلين سيمينارن ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ بابت خصوصي دستاويزي فلمون ڏيکاريون ويون آزاد ڪشمير ڪراچي لاهور پشاور ڪوئيٽا ۾ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ بابت خصوصي دستاويزي فلمون ڏيکاريون ويون آزاد ڪشمير ڪراچي لاهور پشاور ڪوئيٽا اسلام آباد راولپنڊي سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ريليون ڪڍيون ويون ميرپور ۾ منگلا پل تي پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام وڏي انگ ۾ گڏ ٿيو ۽ ٻنهي پاسن جي ڪشميرين هٿن جي زنجير ٺاهي والاريل ڪشمير جي مظلوم ڀائرن سان ايڪي جو اظهار ڪيو فيصل آباد ضلعي ڪائونسل ۽ پريس ڪلب آڏو ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا گجرانوالا بکر ۽ رحيم يار خان ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڪشميرين سان ايڪي جو اظهار ڪيو ويو لورالائي ۾ فرنٽيئر ڪور جي اهتمام هيٺ نيختر بازار ۾ موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويئي چمن ۾ ماڊل هاءِ اسڪول کان ضلعي ڪمپليڪس تائين ريلي ڪڍي ويئي ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز ۾ به ريليون سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪيو ويو وزيراعظم نوازشريف مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو. سري ننگر ۾ ڪشميري مظاهرين پاڪستان سان محبت جو اظهار لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو والاريل وادي ۾ قابض فوج ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ميڊيا رپورٽ موجب والاريل ڪشيمر ۾ مڪمل هڙتال رهي سري ننگر پلوانا ۽ ڄمون سميت وادي ۾ ڀارتي ڏاڍ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران والاريل وادي ڀارت مخالف نعرن سان گونجي اٿي ڪشميري مظاهرين پاڪستان سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ريلي ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو. ڀارتي فوج جو وحشياڻي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي استعمال سبب ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چوڌري عبدالمجيد چيو آهي ته ڪشميرين جي حق خود اراديت لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ٿيڻ دنيا لاءِ ڳڻتي جو عمل آهي ڪشمير مسئلي جي لاءِ 151 سيٽون هئڻ جي باوجود ڀارت جي هٺ ڌرمي دنيا لاءِ چئلينج آهي عالمي برادري مظلوم ڪشميري عوام کي انهن جو حق ڏيڻ لاءِ ڀارت تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري پاڪ ڀارت جنگ سان ڪروڙين عوام جي لاشن کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن مطابق اسلامي دنيا کي متحد ڪرڻ ۽ ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز پارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير فيصل آباد جي ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر چوڌري خادم حسين جي قيادت هيٺ ڪشمير ايڪتا ريلي کي مظفرآباد مان ٽيليفونڪ خطاب دوران ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب حل ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ڪشمير ايڪتا ڏينهن جي موقعي تي ايف ٽي سي شاهراهه فيصل کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي دوران خطاب دوران ڪيو. ريلي کي ڊاڪٽر عارف علوي، حليم عادل شيخ ، خرم شير زمان ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. هنن چيو ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ انساني حقن جا بکيا اڊيڙي رهي آهي جنهن تي عالمي برادري جي خاموشي افسوسناڪ آهي هنن چيو ته پاڪستاني حڪومت خاص ڪري وزيراعظم ڀارت سان پنهنجا ذاتي لاڳاپا وڌائڻ بدران صاف لفظن ۾ ڳالهيون ڪري ۽ ڳالهين ۾ ڪشمير جي ايجنڊا کي شامل ڪيو وڃي ڇو ته ڪشمير بنا ڳالهيون اڻپوريون آهن هنن چيو ته پي ٽي آءِ ڪشميري عوام سان گڏ آحي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *