پوري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، انتظام سخت

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ملهايو ويو، مختلف شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا ، سيڪيورٽي انتظام سخت ڪندي پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو . اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين ۽ سندس جانثارن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان ماتملي جلوس برآمد ڪيا ويا . حيدرآباد جي مختلف شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ٿيا، جڏهن ته جلوسن جي سيڪيورٽيسخت ڪئي وئي. ٽنڊوالهيار ضلعي جي مختلف علائقن جھنڊومري، پيارو لنڊ، چمبڙ، نصرپور ۽ ٻين علائقن مان جلوس ڪڍيا ويا ، جلوسن جي حفاظت لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو . عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن ڪنري، سامارو، پٿورو، ڍورونارو سميت ٻين شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، شام جو ڇرين ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو ۽ باهه تي ماتم پڻ ڪيو ويو. ڳڙهي خيرو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي مختلف امام بارگاھ کان ماتمي جلسو برآمد ڪيا ويا ، زنجير زني پڻ ڪئي وئي. سکر، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سانگهڙ، مٽياري، ڪشمور، پنوعاقل، اوٻاوڙو، خانپور، ميرپور بٺورو، ڊگهڙي، ۽ شهرن مان به ماتمي جلوس برآمد ٿيا، جتي سينا زني ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو. مختلف شهرن ۾ مجلسون پڻ برپا ڪيون ويون ، جتي عالمِ دين حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي عظيم قرباني تي روشني وڌي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *