پوري ملڪ ۾ يوم عاشور سخت سيڪيورٽي انتظامن ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، بھاولپور ۾ڌماڪو، 2 فوت

بهاولنگر / اسلام آباد/ڪراچي (اين اين آءِ) آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ ۾ يوم عاشور 10 محرم تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جلوس برآمد ٿيا ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي هائي الرٽ ۽ موبائيل فون سروس سڄو ڏينهن معطل رهي. جلوسن جي هوائي نگراني به ٿيندي رهي، تفصيل مطابق آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ ۾ يوم عاشور 10 محرم تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي ۾ يوم عاشور جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو جيڪو حسينيه ايرانيا کارادر تي نهر ٿيو، جلوس کان اڳ مرڪزي مجلس کي علامه شهنشاهه حسين نقوي خطاب ڪيو. لاهور ۾ 10 محرم جو مرڪزي جلوس نثار حويلي موچي گيٽ مان برامد ٿيو جيڪو شام جي وقت ڪربلا گامي شاهه پهچي نهر ٿيو. مرڪزي جلوس چوڪ رنگ محل مسجد وزير خان چوهٽا مفتي باقر سوها بازار ٽيڪسٽالي گيٽ ۽ ڀاٽي کان ٿيندو ڪربلا گامي شاهه ۾ نهر ٿيو، جلوس ۾ شامل عذادارن نوحا پڙهيا ماتم ڪيو جنهن ۾ عورتن سميت ٻارڙن ۽ وڏڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ڪوئيٽا ۾ يوم عاشور جو مرڪزي جلوس شهيد چوڪ علمدار روڊ مان برآمد ٿيو، پشاور ۾ 10 محرم جو مرڪزي جلوس امام بارگاه سيد رضوي علي شاهه چڙيڪوبان مان برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل تي پهچي نهر ٿيو ان موقعي تي عالمن سڳورن ۽ ذاڪرن حضرت امام حسين جي عظيم ۽ روشن تعليم ۽ ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي ۽ پنهنجي مخصوص رستن تان ٿيندو واپس پنهنجي جاءِ تي نهر ٿيو اهڙِ طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به يوم عاشور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ جلوس برآمد ٿيا جلوسن جي رستن ۾ وڏي انگ ۾ نذر ۽ نياز جو سلسلو به جاري رهيو محرم جي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ مختلف هنڌن تي سيڪيورٽي گارڊ ڊيوٽي جا فرض نڀائيندا رهيا ڪراچي ۾ 10 محرم جي مرڪزي جلوس جي رستن ۽ لنگهن سميت مرڪزي جلوس جي نگراني ۽ سيڪيورٽي لاءِ ڪل پوليس جا 6 هزار 368 آفيسر ۽ اهلڪار ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جون 3 ڪمپنيون موجود هيون جڏهن ته اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جا 90 اسنائيپرز مرڪزي جلوس جي ڀرڇاسي ۽ لنگهن تي مقرر ڪيا ويا هئا سڄي شهر ۾ ڪل ڪراچي پوليس جا 18 هزار 823 آفيسر ۽ جوان ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي 12 ڪمپنين کي عذادارن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو دهشتگردي جي خطري سبب ملڪ جي وڏن شهرن ۾ موبائيل فون سروس به بند ڪئي وئي جڏهن ته مڪ جي مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي وڌي وئي. صوبائي گاڏي واري هنڌ ۽ وفاقي گادي واري هنڌ ۾ جلوسن جي فضائي نگراني به ٿيندي رهي. ٻئي طرف بهاولنگر ۾ يوم عاشوره تي نڪرندڙ ماتمي جلوس ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 59 زخمي ٿي پيا پوليس مطابق بهاولنگر ۾ سٽي چوڪ ۾ ڪريڪر ڌماڪو ٿيو ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ شڪي ماڻهو کي به گرفتار ڪيو ويو پنجاب جي گهرو وزير راجا بشارت تصديق ڪئي ته بهاولنگر ۾ يوم عاشوره تي نڪرندڙ ماتلي جلوس ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 59 زخمي ٿي پيا صوبائي وزير ٻڌايو ته هڪ شخص بهاولنگر جي علائقي مهاجر ڪالوني جي جامع مسجد جي ڀرسان لنگهڙ جلوس تي ڌستي بم ڦٽو ڪيو حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو راجا بشارت چيو ته ڌماڪي جي سمورن زخمين کي شهر جي وڪٽوريا اسپتال پهچايو ويو آهي. جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ڌماڪو صبح 10 وڳي ٿيو. رينجرز کي علائقي ۾ بيهاريو ويو وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي ٻئي پاڪستان علماء ڪائونسل جلوس تي ڪريڪر حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جتي هن بيان کي ڪائونسل جي صدر ۽ وزيراعطم جي خاص مددگار طاهر محمود اشرف ٽيوٽر تي شيئر ڪيو ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسلام ۽ پاڪستان دشمن ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پهلائڻ چاهين ٿا. جنهن کي قوم اڳ به ناڪام بڻايو آهي ۽ هاڻي به ناڪام بڻائيندي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بهاولنگر ۾ ڪريڪر حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ملڪ دشمن محرم دوران وڳوڙ ڪرائڻ چاهين ٿا هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن ۽ سماج دشمنن جي ملڪ دشمن سازشن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *