اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين 23هين آئيني ترميم سميت آرمي ايڪٽ 2017 تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ فوجي عدالتن جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ ٿي ويئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور کان پوءِ صدر کي آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ جو بل صحيح لاءِ موڪليو ويو هو جيڪو صدر جي صحيح کان پوءِ هاڻي 23هين آئيني ترميم چورائيندي ياد رهي ته قومي اسيمبلي مان منظوري دوران ان کي 28هين آئيني ترميم چيو ويندو هو ڇو ته اسيمبلي اجلاس ۾ آئين ۾ ڪيترائي ترميم جا بل پيش ٿيا هئا. جڏهن ته پاڪستان جي آئين ۾ هن وقت تائين 22 آئيني ترميمو ٿي چڪيون آهن ان لاءِ تازي ترميم کي 23هين آئيني ترميم چيو ويو آهي نجي ٽي وي موجب قومي اسيمبلي کان اڪثريت سان منظوري کان پوءِ 3 ڏينهن سينيٽ ان ترميم کي منظور ڪيو هو ان کان پوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت صحيح جي لاءِ آئيني ترميم کي صدر ڏانهن موڪليو ويو. فوجي عدالتن جو قيام 16 ڊسمبر 2014 تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کان پوءِ آئين ۾ 21هين ترميم ڪري عمل ۾ آندو ويو هو.