پوري قوم کي شرمين عبيد جهڙي بهادر ۽ ذهين فلمساز تي فخر آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي جي پاڪستان ۾ ڪارو ڪاري جي حوالي سان ٺهيل فلم عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيڻ تي کيس مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري قوم کي شرمين عبيد جهڙي بهادر ۽ ذهين فلمساز تي فخر آهي، جنهن جي اڳ ئي هڪ فلم آسڪر ايوارڊ ماڻي چڪي آهي، جيڪا پاڪسستان ۾ تيزاب هاري زخمي ڪيل عورتن جي زندگيءَ تي ٺهيل هئي. هن چيو ته اهو قومي اعزاز ملڻ تي اسان کي گهرجي ته نام نهاد ڪارو ڪاري جي ڪاررواين خلاف هر سطح تي ويڙهه ڪريون. بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت تي پڻ زور ڀريو آهي ته ڪاروڪاري جي خلاف قانونسازي جي معاملي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽرن طرفان ڪاروڪاري جي واقعن خلاف قانونسازي جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين حڪومت کي ياد ڏياريو ته فيبروري 2015ع ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڪاروڪاري جي ڏوهن خلاف بل پيش ڪيو هو، جيڪو سينيٽ مان يڪراءِ منظور ٿيڻ بعد ان کي پيپلزپارٽي طرفان قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو هو پر بدقسمتي سان ڪيترائي ڀيرا ياد ڏيارڻ باوجود حڪومت انهي اهم قانونسازي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ ان کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ به پيش نه ڪيو آهي، ان مان حڪومت جي انهيءَ معاملي ۾ بي ڌياني ظاهر ٿئي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي زور ڀريو ته ڪاروڪاري جهڙن واقعن خلاف قانونسازي جو معاملو جلد ئي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جنهن کي هاڻي اهو بل پڻ موڪليو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *