پوري قوم وطن جو دفاع ڪندڙ فوجين تي فخر ڪري ٿي: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پوري قوم وطن جو دفاع ڪندڙ فوجين تي فخر ڪري ٿي ايل او سي تي ڪنهن به اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو ڪنٽرول لائين سان مقرر فوجين جون پيشاوراڻه تياريون ۽ جذبو واکاڻ جوڳو آهي آءِ ايس پي آر مطابق جمعي تي آرمي چيف جهلم ويجهو لائين آف ڪنٽرول تي مقرر فوجين سان ملاقات ڪئي آرمي چيف کي مقامي ڪمانڊنگ پاران ايل او سي تي سيڪيورٽي صورتحال متعلق بريفنگ ڏني ويئي فوجين سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي سربراهه فرنٽ لائين تي انهن جي جذبي ۽ پيشاوراڻه تيارين کي ساراهيو جنرل راحيل شريف فوجين جي تياري تي مڪمل اطميمان جو اظهار ڪيو هن چيو ته لائين آف ڪنٽرول تي ڪنهن به اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو چيف آف آرمي اسٽاف ايل او سي تي مقرر فوجين جي دفاع وطن لاءِ عزم ۽ قربانين کي ساراهيو هن چيو ته مادر وطن جو دفاع ڪندڙ فوجين تي پوري قوم فخر ڪري ٿي ان کان اڳ آرمي چيف جي پهچڻ تي 10 ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل قمر جاويد باجوا سندس استقبال ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *