پوري قوم دهشتگردي خلاف پاڪ فوج سان گڏ آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) ميان محمد نواز شريف پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ پنهنجي آخري انجام تائين جاري رهندي، دهشتگردي ختم ڪري ساهه پٽينداسين. اڱاري تي فورسز جي قافلي تي ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي وزيراعظم چيو ته ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ذيان تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. وزير اعظم چيو ته دهشتگردن کي ڪيفرڪردار تي پهچائينداسين، دهشتگردي جي ڪارروائين سان قوم جو عزم ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، پوري قوم دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، قوم دهشتگرن جي مقصدن کي ناڪام بڻائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *