پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ واويلا مچائي وئي، علي زيدي معافي وٺي: ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو پاڪستان جي عوام جي ترجماني ڪري ٿو ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب ناصر حسين شاهه ۽ سهيل انور سيال سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرن ڪئي ان دوران انهن پي ٽي آءِ حڪومت جي غلط پاليسين تي سوال اٿاريا مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪيترائي هفتا گذرڻ جي باوجود پاڪستان جو عوام سستي کنڊ ڳولي رهيو آهي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪيو هو هاڻي عوام کي اٽي ۽ ماڪڙ جي حوالي سان خدشا آهن چيو ته خانصاح/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 37

ب هڪ ڪروڙ نوڪريون 7 50 لک گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ابتو سرڪاري ملازمنکي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي مرتصيٰ وهاب وفاقي وزيرن بابت ڳالهائيندي چيو ته ذلفي بخاري پي ٽي ڊي سي مان ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو انهن جو ڪم ماڻهن تي الزام لڳائڻ ۽ مخالفن جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ آهي علي زيدي سامونڊي معاملن جو وزير اهي ان جي ڪارڪردگي سڀني جي آڏو آهي. هن حڪومت جو ڪارنامو آهي جيڪو جنهن وزارت جو وزير آهي ان کان سواءِ هر ڳالهه ڪري ٿو. مرتضيٰ وهاب چيو ته پي آ3 اي کي هڪ سازش تحت تباهه ڪيو پيو وڃي علي زيدي کان پنهنجي وزارت نٿي هلي سگهي ۽ هو پي آءِ اي کي بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اسان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ملڪ ۾ وڏا فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي. هن بلاول ڀٽو بابت چيو ته وفاقي وزير بلاول ڀٽ جي ٽيڪس بابت غلط بياني ڪري رهيا آهن سموريون شيون ۽ ٽيڪس رڪارڊ تي آهي پاڻ علي زيدي اليڪشن کان اڳ تيڪس گڏ نه ڪرايو هو مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان علي زيدي عذير بلوچ ۽ نثار مورائيجي جي  آءِ ٽي تي ڳالهه ڪري رهيو آهي هي حساس دستاويز هوندا آهن کيس ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو ذڪر آهي سوال آهي ته جي آءِ ٽي ته حساس آهي ۽ خود ان کي گهرڻ عدالت ويا هن چيو ته سنڌ حڪومت عذير بلوچ، بلديه سانحي ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي پبلڪ ڪري رهي آهي جي آءِ ٽي رپورٽ سومر تي گهرو وزارت جي ويب سائيٽ تي دستياب هوندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته علي زيدي کي چئلينج ڪيان ٿو ته ان جي آءِ ٽي ۾ پ پ پ قيادت جو ذڪر ڏيکاري ان ۾ پ پ پ قيادت جو ڪوبه ذڪر نه آهي هي رپورٽ پ پ پ نه پر ادارن ٺاهيون آهن مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان نوڪريون ڏيڻ ته پري هاڻي سرڪاري ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو حڪومت جي خاصيت آهي ته ڪوبه وزر پنهنجي کاتي جو جواب نٿو ڏئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *