پهريون  ڀيرو ٽي وي تي ڏسي پيءَ پيرين اگهاڙي گهران ڪڍي ڇڏيو  هو: ڪرن تعبير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ڪرن تعبير انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پهريون ڀيرو ٽي وي تي ڏسي سندس پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو هو. سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي هڪ انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڏينهن بابت ڳالهائيندي ٻڌي سگهجي ٿو. ڪرن تعبير ٻڌايو ته سندس واسطو هڪ پنجابي فيملي سان آهي، پيءُ کان جڏهن آڊيشن لاءِ اجازت ورتي هن شوبز لاءِ سخت لفظن جو استعمال ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو پر هو ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍي هئي ۽ ضد تي کيس آڊيشن جي اجازت ملي. سندس موجب مهيني کانپوءِ اداڪاري لاءِ ڪال اچي وئي،  پيءُ پهريون ڀيرو ٽي وي تي ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ پڇيو ته تون ٽي وي تي ڪم ڪيو آهي؟ جنهن بعد هن چيو ته اڄ کان تون منهنجي لاءِ مري وئين، نڪري وڃ منهنجي گهران، ان کانپوءِ پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *