پهرين کان 12 محرم الحرام تائين صوبي جي سمورن ضلعن ۽ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ بلديات کاتي جي اعليٰ آفيسرن جو اجلاس اربعا تي ٿيو. اجلاس ۾ محرم الحرام جي حوالي سان صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت صوبي جي سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن، ميونسپل ڪمشنرن، ٽائون ميونسپل ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته پهرين کان 12 محرم الحرام تائين صوبي جي سمورن ضلعن ۽ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لڳائي وڃي ۽ سموري عملي جون موڪلون رد ڪيون وڃن. شرجيل ميمڻ اجلاس دوران هدايتون ڏنيون ته محرم الحرام جي شروعات کان اڳ ئي مجلسن ۽ جلوسن جي رستن تي ڪارپيٽنگ ۽ صفائي وارن ڪمن کي مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هن هدايتون ڏنيون ته صوبي ۾ اسٽريٽ لائيٽس، جلوسن ۽ مجلسن جي آسپاس خصوصي لائٽن جو انتظام ڪيو وڃي. سمورن امام بارگاهن ۽ مجلسن جي رستن تي روزاني جي بنياد تي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. شرجيل ميمڻ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن، ميونسپل ڪمشنرن، ٽائون ميونسپل ڪمشنرن کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته سمورا آفيسر پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ محرم الحرام کان اڳ انتظامن کي مڪمل ڪن. هن ايم ڊي واٽر بورڊ کي ڪراچي ۾ خاص ڪري مجلسن ۽ جلوسن جي رستن ۾ سيوريج جي لائنن کي فوري طور تي درست ڪري اتان پاڻي جي رواني کي بهتر بڻائڻ جون به هدايتون ڏنيون آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران محرم الحرام دوران جتي امن امان جي صورتحال کي فول پروف بڻائڻ جي هدايت ڏني آهي اتي محرم الحرام دوران ڪراچي سميت صوبي ۾ ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن کي به سمورين سهولتن جي فراهمي جي به هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ اڳ ئي ماهوار صفائي ۽ قبضن خلاف مهم جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ بلديات کاتي جتي سالن جا سال پيل ڪچري کي ٺڪاڻي لڳايو آهي اتي غيرقانوني طور تي عام ڀلائي وارن  پلاٽن، راندين جي ميدانن ۽ سرڪاري زمينن تان ناجائز قبضا به ختم ڪرايا آهن. جڏهن ته واٽر بورڊ پاران شهر ۾ هلندڙ 90 غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ مان 84 غيرقانوني هائيڊرينٽ جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ باقي ٻين خلاف آپريشن جاري آهي. هن چيو ته محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن کي سمورين سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورن ذميوارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ سمورن آفيسرن تي واضح ڪيو ويو آهي ته محرم الحرام جي شروعات کان اڳ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *