پهرين نومبر کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ في ليٽر 6 رپين تائين اضافي جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، پهرين نومبر کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ في ليٽر 6 رپين تائين اضافو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي..ذريعن موجب اوگر پهرين نومبر کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا سڀاڻي منظوري لاءِ پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ويندي.پهرين نومبر کان پيٽرول 5 رپيا 35 پئسا، ڊيزل 2 رپيا 43 پئسا، گاسليٽ 3 رپيا 17 پئسا، لائيٽ ڊيزل 3 رپيا 63 پئسا ۽ هاءِ آڪٽين 6 رپيا 10 پئسا في ليٽر اضافو ڪرڻ جو امڪان آهي.پيٽروليم واري وزارت جي منظوري کانپوءِ اوگرا پاران تيل جي شين جي نئين اگهن جو نوٽفيڪيشن جاري ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *