پهرين محرم تي رڳو ڪراچي جا تعليمي ادارا بند رهندا، ٻئي ڪنهن به کاتي ۾ موڪل نه هوندي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ سڌسماءَ واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پهرين محرم الحرام جي موقعي تي رڳو ڪراچيءَ ۾ تعليمي ادارا بند رهندا ۽ تعليمي ادارن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به کاتي ۾ موڪل نه هوندي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته پهرين محرم الحرام تي رڳو ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن کانسواءِ ٻيا سڀئي کاتا ۽ ادارا معمول مطابق کليل رهندا، ان لاءِ ٻين سڀني کاتن جا ملازم پهرين محرم الحرام تي پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *