پهرين مارچ کان پيٽرول ساڍا 8 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان ،اوڳرا لاڳاپيل وزارت ڏانهن سمري موڪلي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ پيٽروليم واري وزارت کي سمري موڪلي وئي،جنهن ۾ پيٽرول جي في ليٽر 8 رپيا 48 پئسا گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽ مطابق اوڳرا پاران پيٽروليم جي وزارت کي موڪليل سمري ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ 8 رپيا 48 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي،جنهن کانپوءِ سمري منظور ٿيڻ جي صورت ۾ پيٽرول في ليٽر 62 رپيا 77 پئسن ۾ ملندو،جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ رپيو 97 پئسا،هائي اوڪٽن جي اگهن ۾ 2 رپيا 98 پئسا،في ليٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي،جنهن کانپوءِ هائي اوڪٽن 72 رپيا 68 پئسن ۾ ملي سگهندو.اوڳرا جي سمري ۾ ڊيزل ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 4 رپيا 67 پئسا ۽ ايڇ او بي سي 2 رپيا 98 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.اوڳرا جي سمري ۾ رڳو گاسليٽ جي اگهه ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي،جيڪو هڪ رپيو 66 پئسا في ليٽر واڌ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *