پهرين فيبروري کان پيٽرول 10 کان 12 روپين تائين سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) پوري ملڪ ۾ پهرين فيبروري کان پيٽرول جي قيمت ۾ 8 کان 14 روپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، خزاني اوري وزارت جي ذريعن مطابق پهرين فيبروري کان پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 10 روپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 روپيا 50 پئسا، لائٽ ڊيزل 11 روپيا، ايڇ او بي سي 14 روپيا ۽ گاسلٽ جي قيمت 12 روپيا في ليٽر گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، عالمي سطح تي جون کان هينئر تائين ڪچي تيل جي قيمت 50 سيڪڙو تائين گهٽجي چڪي آهي، جنهن جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ لاءِ حڪومت گذريل 4 مهينن ۾ پيٽرول 29 روپيا ۽ ڊيزل 23 روپين تائين سستو ڪري چڪي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *