پهرين سي اين ايس هاڪي ٽورنامينٽ جو تاج نيشنل بينڪ ماڻي ورتو

کراچي(اسپورٽس نيوز) پهرين سي اين ايس هاڪي ٽورنامينٽ جو تاج نيشنل بينڪ ماڻي ورتو.ايونٽ جي فائنل ميچ ۾ ڪامياب ٽيم ايس ايس جي سي کي ٻُڙي جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارايو،دلچسپ ميچ کي ڏسڻ لاءِ شوقئينن جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود هو.پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله جو چوڻ هو ته سامونڊو فوج راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني کان اڳيان اڳيان آهي،هاڪي کي اڳ جهڙي عزت وٺرائي ڏيڻ لاءِ بهتر ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *