پهرين سيپٽمبر کان پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جي سفارش، پيٽرول 6 رپيا 16 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) اوگرا، پهرين سيپٽمبر کان پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، پيٽرول 6 رپيا 16 پئسا ۽ ڊيزل 7 رپيا 40 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اوگرا پهرين سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ جي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. سمري موجب پيٽرول 6 رپيا 16 پئسا، ڊيزل 7 رپيا 40 پئسافي ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سمري ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ آڪٽين 7 رپيا، لائيٽ ڊيزل 6 رپيا 48 پئسا ۽ گاسليٽ 7 رپيا 7 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *