پهرين ترجيح قومي ڀائيچارو آهي، معيشت بهتر ڪنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن جي نامزد وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پهرين ترجيح قومي ڀائيچارو آهي، ڀارت سان امن جا خواهشمند آهيون، مسئلي ڪشمير جي حل بنا امن ممڪن ناهي. اسلام آباد ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته منهنجي پهرين ترجيح قومي ڀائيچارو آهي، نئين ڪابينا اپوزيشن اڳواڻن جي مشاورت سان جوڙي ويندي. هن چيو ڪوشش هوندي ته ملڪي معيشت بهتر ڪري عوام کي رليف ڏئي سگھون، ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات ڪنداسين ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان امن جا خواهشمند آهيون، ڪشمير مسئلي بنا امن ممڪن ناهي. نواز شريف جي واپسي ۽ ڪيسن جي سوال تي شهباز شريف چيو ته نواز شريف جا ڪيس قانون موجب ڏٺا ويندا. ياد رهي ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي قائد ايوان جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين قائد ايوان جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي سومر جي ڏينهن ٻي وڳي گھرايو آهي ۽ گڏيل اپوزيشن پاران وزيراعظم جو اميدوار شهباز شريف آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *