آرمي چيف جنرل راحيل شريف 5 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي/خيبرايجنسي (م.ڊ)  سپريم ڪورٽ پاران فوجي عدالتن جي ٺهڻ کي جائز قرار ڏيڻ جي فيصلي کانپوءِ امن جي دشمنن کي آخري انجام تائين پهچائڻ جي مهم ۾ تيزي اچي وئي آهي.فوجي عدالتن پاران وڌيڪ 5 دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. دهشتگرد لاهور ۽ ڪراچي ۾ وڪيل، ڊي ايس پي جي قتل، سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملن ۽ ڪوئٽه ۾ فرقيواراڻا تڪرار ۾ ملوث هئا.هڪ دهشتگرد کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آئي ايس پي آر) مطابق جن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي ، انهن ۾ صابر شاهه عرف اڪرام الله لاهور ۾ارشد علي ايڊووڪيٽ جي قتل ۾ ملوث هو. اسد علي عرف بهائي جان جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جيڪو بارود ٺاهڻ جو ماهر هو. دهشتگرد اسد ڪراچي جي  ڊي ايس پي ڪمال منگرو ۽ ٻين اهلڪارن  کي قتل ڪيو هو. موت جي سزا ملندڙ ٽيون دهشتگرد حافظ عثمان ڪوئٽه ۾ فرقيواراڻا قتل جي وارداتن ۾ ملوث آهي. بنون جيل مان ڀڄڻ ۾ ملوث طاهر به موت جي سزا ملندڙن ۾ شامل آهي.دهشتگرد فتح خان خاص ماڻهن ۽ شهرين کي قتل ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث آهي. آئي ايس پي آر مطابق خيبر ايجنسي ۾ ڇوڪرين جي اسڪول ۽ پوليو ٽيمن تي حملي ۾ ملوث پابندي مڙهيل  تنظيم جو دهشتگرد قاري امين شاهه کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي. ٻئي طرف خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فوسز جي هوائي ڪارروائي دوران وڌيڪ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته سندن 5 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا. پاڪ فوج جو اتر وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي ۾ ضرب عضب آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب خيبر ايجنسي جي تيره ماٿري جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سندن پنج ٿاڪ به تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ۽ لشڪر اسلام سان آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *