پنوعاقل ڀرسان ڀاءُ پنھنجي نوجوان ڀيڻ کي زھر ڏيڻ بعد گھٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو

پنوعاقل(رپورٽر) پنوعاقل ڀرسان ظالم ڀاءُ ڪارنھن الزام مڙھي پنھنجي نوجوان ڀيڻ کي زھر ڏيڻ بعد گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، سانگي ٿاڻي تي جوابدار مٿان ڪيس داخل، سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏاتر ڏنو م جوابدار رقيب جتوئي پنھنجي 15 ورھين جي ڀيڻ نوازي کي ماني ۾ زھر ڏيڻ بعد گھٽا ڏئي قتل ڪيو، اھي بہ اطلاع آھن تہ جوابدار پنھنجي ڀيڻ کي ڳوٺ جي نوجوان گلشير جتوئي سان ڪارنھن جو الزام ھڻي قتل ڪيو آھي. جڏھن تہ الزام ھيٺ آيل نوجوان ڳوٺ ڇڏي فرار ٿي ويو آھي.واقعي جي اطلاع تي سانگي پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقہ اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت عباسي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ جوابدار ڪارروائي ڪري موقعي تان فرار ٿي ويو آھي۔ جنھن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.ھوڏانھن سانگي ٿاڻي جوابدار رقيب جٿوئي مٿان ايف آء آر درج ڪئي وئي آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *