پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پاڪستان کان ڪئي، جنهن دوران کيس تمام گھڻيون ڪاميابيون مليون: رونا ليليٰ

لنڊن (شوبز نيوز) هائوس آف پارليامينٽ ۾ راجا ڪاشف ۽ عبايا جهان جي بنگالي ۽ اردو زبانن ۾ ڳايل گيتن جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبر سيما ملهوترا کان سواءِ ناليواري اداڪارا رونا ليليٰ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رونا ليليٰ جو چوڻ هو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پاڪستان کان ڪئي، جنهن دوران کيس تمام گھڻيون ڪاميابيون مليون ۽ هوءَ پاڪستاني عوام طرفان ملندڙ پيار کي ڪڏهن به وساري ناهي سگھي. رونا ليليٰ چيو ته منهنجي خوش قسمتي آهي جو پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي سونهري دور ۾ مون ڪم ڪيو ۽ ڀلي ڪٿي به وڃان مون کان انهن ئي گيتن جي فرمائش ڪئي ويندي آهي جيڪي مون پاڪستاني فلمن لاءِ ڳايا. پاڪستان ڄائي برطانوي ڳائڻي راجا ڪاشف جي ڪم جي تعريف ڪندي رونا ليليٰ چيو ته جيتري پيار سان هن بنگالي ۽ اردو ۾ گيت ڳايا آهن، ان تي دل ٿي چوي ته بنگالي ۽ پاڪستاني هڪ ڀيرو هڪ ٿي وڃن. هن چيو ته مان پاڪستان مان ملندڙ پيار کي وساري نه ٿي سگھان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *