پنهنجي ٻارڙن کي پرامن پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مني لانڊرنگ جي جاچ ٿي رهي آهي سرفراز مرچنٽ ايف آءِ اي کي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي پنجاب حڪومت عالمن کان عورتن جي تحفظ واري قانون جون خرابيون سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي عالم سڳورا شريعت جي خلاف شقن جي نشاندهي ڪن نشاندهي کان پوءِ بل جو جائزو وٺنداسين پشاور ڌماڪو مذمت جوڳو آهي اسان عوام کي پرامن پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن ۽ اينڊر ڏينهن ۾ وڌيڪ بهتر ٿينديون اربع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عورتن جي بل تي اسلام مخالف شقن جو جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ پنجاب حڪومت عالمن سان هن بل جون خرابيون سمجهڻ جي ڪوششون ڪري رهيون آهي عالم سڳورن پاران تجويزن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي وفاقي وزير چيو ته رٿابندي سان ڪم ڪرڻ بنا ڪوئي معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي وقت جو صحيح استعمال نه ٿيڻ سان بدحالي جهالت ۽ غربت وڌندي آهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون بي مثال آهن محب وطن پاڪستانين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون اسان پنهنجي ٻارڙن کي پرامن پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا هن چيو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ بهتر ٿينديون ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خلاف مني لانڊرنگ ۽ را سان لاڳاپن جي الزامن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مني لانڊرنگ جي جاچ ٿي رهي آهي ان ڏس ۾ سرفراز مرچنڊ ايف آءِ اي جي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. هن چيو ته اردو زبان جي سرڪاري آفيسن ۾ استعمال جو آئين ۾ ڪيل واعدو پورو ناهيون ڪري سگهيا واعدو پورو نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ توجهه ڏياري سرڪاري ادارن ۾ اردو جي استعمال لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي جتي سرڪاري ادارن ۾ قومي زبان اردو نافذ العمل ٿيڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز رشيد چيو ته جمهوريت ۾ ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق آهي ۽ سياسي جماعتن ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي معاملي تي ڪوئي تبصرو نه ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *