پنهنجي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ هيڊ ڪوچ کي مهانگوپئجي ويو،عمر اڪمل کيس حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيوزيلينڊ سان سيريز جي آخري ميچ جمعي ڏينهن کيڏندي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ هيڊ ڪوچ وقار يونس رانديگرن کي سوشل ميڊيا جي استعمال کان

روڪيندي پاڻ ٽوئيٽر تي اهڙو نياپو موڪلي ڇڏيو،جڏهن ته عمر اڪمل به وقار يونس جي پوئلڳي ڪندي سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائيندو رهيو،ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ جاري ڪندو رهيو.تفصيل مطابق ڪيوي ٽيم خلاف سيريز جي ٻي ميچ ۾ بدترين شڪست کانپوءِ هيڊ ڪوچ انقلابي قدم کينو،جنهن ۾ پاڻ کي شامل نه ڪيائين.هيڊ ڪوچ وقار يونس رانديگرن کي هدايت ڪئي ته نيوزيلينڊ خلاف دوري تائين ٽيم جا رانديگر سوشل ميڊيا استعمال نه ڪندا،پر انهيءَ ڳالهه  تي پاڻ عمل نه ڪيو ۽ اهو نياپو ٽيم جي رانديگرن کي سوشل ميڊيا ذريعي پهچايو.جڏهن ته پاڻ عمل نه ڪري سگهيو ته ان جي ضد ۾  مٿان وري نوجوان بيٽسمين عمر اڪمل به کيس هدايت کي لت هڻي ڇڏي ۽ سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽرن جي ڌوم مچائيندي،ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ ڪندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *