پنهنجي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکون ٿا: آرمي چيف

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام جو رستو افغانستان مان ٿي گذرندو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اسان ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکون ٿا. افغانستان ۾ ڊفينس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جا سڀ ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن، دهشتگرد 27 لک افغان پناهگيرن جي موجودگي جو فائدو کڻندا آهن، اهي پاڪ – افغان سرحد تي اثرائتي سيڪيورٽي جي عدم موجودگي جو به فائدو کڻن ٿا. سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪندڙن جي به نشاندهي ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ آءِ ايس پي آر ڊفينس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آرمي چيف جي افغانستان پهچڻ جو اطلاع ڏيندي ٻڌايو هو ته ڪانفرنس ۾ ڪمانڊر سينٽ ڪام، ڪمانڊر ريزولوٽ سپورٽ مشن ۽ افغان آرمي چيف به شريڪ ٿيندا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *