پنهنجي دور ۾ بجلي بحران ختم ڪرڻ چاهيان ٿو: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف پارليامينٽ هائوس کي سولر پاور تي منتقل ڪرڻ واري رٿا جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اها رٿا چين جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي، افتتاحي تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين ميان  رضا رباني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ چيني سفير سن وي ڊونگ به موجود هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پارليامينٽ کانسواءِ قومي گرڊ کي به ان سولر پاور رٿا مان بجلي ڏني ويندي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جيڪو مثال قائم ڪيو آهي، ان جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته اسيمبلي ۾ سڄي ملڪ جا نمائندا ويهن ٿا ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته پنهنجي اقتداري دور ۾ بجلي جي بحران جو خاتمو آڻيان، وزيراعظم چيو ته بجلي جي حوالي سان ڪيتريون ئي رٿائون هلي رهيون آهن، اسان چين جي سهڪار سان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ 2018ع تائين ملڪ مان بجلي جي بحران جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ چين جي دوستي جو تمام وڏو هٿ آهي، نواز شريف چيو ته پارليامينٽ هائوس پنهنجي بجلي پيدا ڪري پاڻ تي ڀاڙڻ جو جيڪو مثال قائم ڪيو آهي، اهو سٺو سنئوڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *