پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جا افواھھ، مخالف ڌر پاران پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ مزاحمت جو فيصلو

لاهور (م.ڊ) پنجاب ۾ گورنر راڄ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جون افواهون شروع ٿي ويون آهن. جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف اهڙي ڪنهن به قدم خلاف مزاحمت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.  رپورٽ موجب وفاق ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ هاڻ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين سياسي صورتحال تي صلاح مشوري جي لاءِ پنجاب جي نئين گورنر عمر چيمه کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ پنجاب ۾ گورنر راڄ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جون افواهون شروع ٿي ويون آهن. جڏهن ته اپوزيشن صلاح مشوري لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.  پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. حڪومت ڪوبه غيرآئيني قدم کڻي سگهي ٿي. پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش تي مزاحمت ڪنداسين. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز جي پيپلز پارٽي، ترين گروپ، عبدالعليم خان گروپ ۽ ٻين سان صلاح مشورا جاري آهن ۽ متحده اپوزيشن گورنر راڄ تي سخت رد عمل ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ(ن) پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عليم خان گروپ ۽ ترين گروپ کي به ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب متحده اپوزيشن 6 اپريل تائين گڏ رهڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت گڏ هلڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ 6 اپريل تي ووٽنگ ٿي ته سمورا ميمبر گڏجي اسيمبلي ويندا. پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ اپوزيشن پارٽين ۽ اتحادين سخت مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حمزا شهباز جي طرفان پ پ، ترين گروپ، عليم خان گروپ ۽ ٻين ساٿين سان صلاح مشورا ڪيا، ذريعن موجب حمزه شهباز اپوزيشن پارٽين ۽ ٻين اتحادين سان مشاورت ڪري پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سخت مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده مخالف ڌر پنجاب ۾ گورنر راج جي صورت ۾ به سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مسلم ليگ ن پنهنجي ايم اين ايز کي ان حوالي سان الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عليم خان گروپ ۽ ترين گروپ کان به سهڪار جي درخواست ڪئي آهي ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *