
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ سڀني پابندي پيل تنظيمن خلاف آپريشن ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ رينجرز کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريفن جي صدارت ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾نيشنل ايڪشن پلان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هڪ هزار 238 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 233 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو آهي، مختلف ڪاررواين دوران 870 ماڻهن کي فرقيواريت ڦهلائڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرقيواراڻو ڏڦير ڦهلائڻ تي 219 ڪتابن تي پابندي به هنئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازن دهشتگرديءَ جي واقعا ڪندڙن جو نيٽ ورڪ افغانستان مان آپريٽ ٿي رهيو آهي جن جا ٽي سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن، رپورٽن موجب ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب سڀني پابندي پيل تنظيمن خلاف آپريشن ڪرڻ ۽ دهشتگرديءَ خلاف رينجرز جي مدد حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي پر ان جو طريقيڪار پوءِ طئي ڪيو ويندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، رينجرز جو خدمتون حاصل ڪرڻ جي فيصلي بعد حڪومت جي مرضيءَ سان مخصوص علائقن ۾ رينجرز آپريشن ڪيو ويندو.36