پنجاب ۾ هاڻ ٽو هارس ريس آهي، چونڊن ۾ صرف پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وچ ۾ مقابلو ٿيندو: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ هاڻ ٽو ريس آهي ۽ چونڊن ۾ رڳو پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وچ ۾ مقابلو ٿيندو، چونڊن کان اڳ ڪيترائي سياستدان پي ٽي آءِ ۾ اچڻ چاهين ٿا جن ۾ ڪجهه بدنام آهن ته ڪافي سٺا نالا به آهن، بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته لاهور جلسي جو مقصد هڪ ته ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي جا 11 نقطا عوام کي ٻڌائڻا هئا ۽ ٻيو مقصد ان تاثر کي غلط ثابت ڪرڻو هو ته ماڻهو عدليا جي فيصلن سان خوش نه آهن، هي ن ليگ جو ڳڙهه آهي ۽ ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو ته ماڻهو خوش آهن، پهريون ڀيرو هڪ طاقتور کي ڪنهن قانون جي هيٺان وٺي آيو آهي، هن چيو ته هتي ته رول آف لا ئي نه آهي، هتي طاقتور لاءِ هڪ ۽ ڪمزور لاءِ ٻيو قانون آهي، ان ڪري هن ريلي جو اهو مقصد آهي ته اسان هڪ پاڪستان، هڪ جهڙو تعليمي نظام، هڪ ئي قانون ۽ طاقتور ۽ ڪمزرو لاءِ هڪجهڙو نظام چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان ته 2013 کان اڳ لڳاتار لڳل هئاسين پر اهڙا ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ ايندا نه هئا، اهڙا سياست تڏهن توهان جي جماعت ۾ اچن تڏهن اهي سمجهن ٿا ته منهنجو ايترو ووٽ بينڪ آهي ۽ پارٽي جي ووٽ بينڪ سان مان اليڪشن کٽي سگهندس، هن وقت تائين ته اهي سمجهي رهيا هئا ته پارٽي جو ووٽ بينڪ نه آهي، هن چيو ته 2013 ۽ هاڻ ۾ اهو فرق آهي ته پنجاب ۾ هيءَ ٽو هارس ريس آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو مقابلو آهي، ان کان پ پ ۽ ق ليگ به هئي، ٽو هارس ريس ڪري اسان وٽ موقعو آهي ته اسان اهڙن سياستدانن جي چونڊ ڪريون جن مان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي بدنام آهي ۽ ڪجهه سٺا آهن پر اسان کي چونڊ ڪرڻي آهي ۽ سچ پچ ۾ ماڻهو اسان وٽ اچي رهيا آهن، هن چيو ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ فرق اهو آهي ته جمهوريت ۾ قيادت جوابده هوندي آهي، آمريت ۾ نه هوندي آهي ته اسان ان کان جواب گهرون ٿا ۽ اهي چون ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو، مطلب اهو آهي ته اهي سمجهن ٿا ماڻهون رڌون، ٻڪريون ۽ بيوقوف آهن، ماڻهن کي توهان چوتيو بڻائي وٺندا ته مان وڏو مظلوم آهيان ۽ اهو هي سمجهي رهيو آهي ته ان سان هو منڊيلا بڻجي ويندو. هو ته مارڪوس بڻجي سگهي ٿو پر منڊيلا ڪڏهن به نٿو بڻجي سگهي، آڪٽومبر 2011 ۽ پوءِ 29 اپريل جي جلسي ۾ فرق ٻڌايئندي هن چيو ته 30 آڪٽومبر 2011 جي ريلي ۾ اسان جي جماعت پهريون اڀري سامهون آئي هئي، هاڻوڪي ريلي ۾ اهو ڏيکارڻو ته هاڻ هيءَ هڪ وڏي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هيءَ هڪ ملڪي پارٽي بڻجي چڪي آهي ۽ چئني صوبن ۾ پکڙجي وئي آهي، ان سوال تي ن ليگ پنهنجن جلسن ۾ ترقياتي ڪم بيان ڪري ٿي ۽ ان جو ئي نعرو هڻي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف جو نعرو ڇا هوندو، سندس چوڻ هو ته اسان ۾ ۽ ان ۾ بنيادي فرق اهو ته آهي ته اهي افتتاح ڪندا رهن ٿا، چون ٿا ته ميٽرو ٺاهي ڇڏي، اسان چئون ٿا ته اصل ڊولپمينٽ انسانن جي هوندي آهي، ته انسانن جي ڊولپمينٽ اوهان نه ڪريو ۽ رڳو  پلون ٺاهيندا رهو، ائين ته ڪو به ملڪ ترقي ناهي ڪري سگهيو، اهي ميگا منصوبا ان ڪري نٿا بڻائين جو اهي ملڪ جي ضرورت آهي، پر ان لاءِ بڻائين ٿا ته ان ۾ وڏي رشوت ملي ٿي، جنهن به ملڪ ترقي ڪئي آهي ان پنهنجي عوام تي پيسو خرچ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *