پنجاب ۾ ن ليگ، سنڌ ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب، بدين ۾ مرزا گروپ ميدان ماري ويو

لاهور/ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ/نمائندن وٽان) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي. بدين ۾ مرزا گروپ پيپلزپارٽيءَ کي بدترين شڪست ڏني آهي. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم اڪثريت سان ڪامياب. پنجاب ۾ ن ليگ 208 سيٽون، 208 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا جڏهن ته تحريڪ انصاف جا 59 اميدوار به ڪامياب ٿيا. پنجاب ۾ جماعت اسلامي کي 5، نيشنل مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي 2 2 سيٽون مليون. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ 377 سيٽون سان سڀني کان اڳتي آهي. 45 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، ايم ڪيو ايم 44 سيٽون حاصل ڪيون. نواز ليگ کي 19، فنڪشنل ليگ کي 11 ۽ عوامي اتحاد کي 8 سيٽون مليون. تحريڪ انصاف کي 3، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو کي 2 ۽ جي يو آئي (ف) کي به 2 سيٽون مليون آهن. حيدراباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم کي سرسي حاصل آهي. نوشهروفيروز ۾ نواز ليگ 5 سيٽون حاصل ڪيون. سنڌ جي ٻين ضلعن ٺٽي، دادو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊومحمد خان، شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ، سجاول ۾ پيپلزپارٽي اڳتي آهي. پنجاب ۾ ٻئي مرحلي ۾ نواز ليگ اڪثريت حاصل آهي. تحريڪ انصاف ٻئي نمبر آهي. گوجرانوالا جي ميونسپل ڪميٽي علي پور چٺا جي 20 وارڊز مان نون ليگ جا 12 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن چٺا گروپ کي 5 سيٽڳن مليون. سرگوڌا، جهلم، ساهيوال، اٽڪ، چنيوٽ، شيخوپوره، منڊي بهاءُ الدين، خانيوال ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ به نواز کي سرسي آهي. ساهيوال جي تحيصل چيچه وطني ميونسپل ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف ميدان ماري ورتو آهي 22 مان 12 سيٽون کٽي ورتيون آهن. نواز کي 9 سيٽون مليون. ميانوالي ۾ آزاد اميدوارن 25 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. تحريڪ انصاف ٻئي نمبر تي آهي.  ليڪشن جو ٻيو مرحلو پنجاب ۾ وري شينهن جي رڙ ۽ سنڌ جي گهڻن ضلعن ۾ ٿيندڙ تيرن جا ڍير،پر بدين ۾ تير ڀڄي پيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گروپ ڏني خطرناڪ انٽري ۽ اڳوڻي پيپلز پارٽي جي جيالي پيپلز پارٽي کان بدين شهر ڦري ورتو. مرزا گروپ بدين سٽي ميونسپل ڪميٽي ۾ پيپلز پارٽي کي خطرناڪ مات ڏني ۽ 14 ئي سيٽون کٽي ورتيون. ضلعي جي جنرل سيڪريٽري کي به مات ملي. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيوايم کي برتري آهي. نوشهروفيروز ۾ نون ليگ به چست نظر آئي ۽ 5 سيٽون کتي ورتيون.سنڌ جي ٻين ضلعن دادو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، شهيد بينظيرآباد، عمر ڪوٽ، سجاول ۾ پيپلز پارٽي اچي وئي آهي. پنجاب ۾ اڳ جيان ٻئي مرحلي ۾ به ن لوگ کي گهڻائي آهي. تحريڪ انصاف ٻئي نمبر تي آهي. گجرانوالا جي ميونسپل ڪميٽي علي پور چٺ جي 20 وارڊن مان نون ليگ جا 12 اميدوار کٽي ويا. چٺ گروپ کي 5 سيٽون مليون.حيدرآباد جي ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو چيئرمين آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي.ميونسپل ڪميٽي جي ٽوٽل 27 سيٽن مان پيپلز پارٽي 24 سيٽون کٽي ورتيون آهن،اهڙي طرح هاڻي قاسم آباد ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين  پيپلز پارٽي جو هوندو،ياد رهي ته  قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي تي پهريان ايم ڪيو ايم جو چيئرمين چونڊيو هو.سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ بدين مان ذوالفقار مرزا گروپ ڪلين سوئيپ ڪندي ميونسپل ڪميٽي جي سموريون 14 سيٽون کٽي ورتيون آهن جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ پنهنجي ئي ڳڙهه ۾ هارائي وئي آهي. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته بدين مان غير حتمي غير سرڪري نتيجن موجب ذوالفقار مرزا جي حمايتي گروپ 14 وارڊن جي سمورين يونين ڪائونسلن جون سيٽون وٺي ورتيون آهن ۽ علائقي ۾ پيپلزپارٽي کي بدترين شڪست ملي آهي. بدين ۾ مرزا گروپ جي اميدوارن جو چونڊ نشان بوتل هو جنهن غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪندي پيپلزپارٽي جي تير کي شڪست ڏني. بدين ۾ پيپلزپارٽي جي اثر وارن علائقين مان به هارائي وئي آهي. مرزا گروپ جي ڪاميابي کانپوءِ حامي روڊن تي نڪري آيا ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته انهيءَ دوران آصف علي زرداريءَ خلاف به نعرا هنيا. بدين ۾ پيپلزپارٽي جي هارائڻ کانپوءِ جيالن جون ڪيمپون ويران ٿي ويون آهن جڏهن ته ذوالفقار مرزا جا حامي مرزا فارم هائوس پهچي ويا ۽ جشن ملهايو ويو. مورو ميونسپل ڪاميٽي جي 12 وارڊن ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ مجموعي طرح پ پ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ ڳڻپ کانپوءِ هر طرف پ پ ورڪرن جيالن ۽ معزز شهرين پاران دهل شرنائين تي خوشي ۾ جهمريون پائي نعري ڀٽو جيئي ڀٽو جي گيتن تي رقص ڪري رهيا هئا ۽ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مورو ميونسپل ڪاميٽي جي مورو شهر جي 13 وارڊ مان 10 وارڊن تي پ پ جي بيٺل اميدوار غير حتمي ۽ غير سرڪاري طور تي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا ۽ مورو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ پ پ جي حامين ۾ يقيني بڻجي وئي جڏهن ته پ پ جا هيٺيان اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا آهن جنهن ۾ مورو ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 تان ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، وارڊ نمبر 2 تان سعاد الله ڪلهوڙو، وارڊ نمبر 3 تان عبدالستار لانگاھ، وارڊ نمبر 5 تان جان عالم راجپوت، وارڊ نمبر 6 تان سجاد علي ڪلهوڙو، وارڊ نمبر 7 تان نذير احمد ميمڻ، وارڊ 8 تي سڪندر خان زرداري، وارڊ نمبر 12 تي دوست علي سولنگي ۽ وارڊ نمبر 13 تان علي گل  ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته پ پ جا 3 اميدوار محمد اڪرم آرائين، علي نواز سولنگي، محمد موسى سولنگي مسلم ليگ ن جي اميدوارن جي مقابلي ۾ هارائي ويا جڏهن ته مسلم ليگ ن جا 3 اميدوار وارڊ نمبر 4 تان محمد ادريس چوهاڻ، وارڊ نمبر 9 تان غلام شبير ملڪ ۽ وارڊ نمبر 10 تان انورالدين قائمخاني وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته پ پ اميدوارن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جا هاريل اميدوار هر هڪ وارڊ نمبر 1 تان محمد عثمان سولنگي، وارڊ نمبر 2 تان لطف الله ڪلهوڙو، وارڊ 3 تان علي بخش عرف نانو ڪلهوڙو، وارڊ نمبر 5 تان مولانه فيض محمد شيخ، وارڊ نمبر 6 تان حاجي خان ڀٽي، وارڊ نمبر 7 تان منظور احمد ميمڻ، وارڊ نمبر 8 تان موجن فيروز ڪورائي، وارڊ نمبر 12 تان مولانه عبدالواحد قاسمي، وارڊ نمبر 13 تان غلام مصطفى سيال شامل آهن، ٻئي پاسي مورو شهر ۾ بيٺل پ پ اميدوار اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ دهل شرنانئين ۽ نعرن جي گونج ۽ جلوس جي شڪل ۾ جمالي هائوس ۾ رئيس خان محمد خان جمالي، رئيس فيروز خان جمالي، بهڻ هائوس ڌيرڻ ۾ رئيس ذوالفقار علي بهڻ کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ هر طرف ميلي جو سماءَ نظر اچي رهيو هو ۽ عوام جي وڏي رش نظر اچي رهي هئي. جڏهن ته پ پ جي مرڪزي رهنما رئيس فيروز خان جمالي جي ڪوشش سان جنرل ڪائوسنلر وارڊ 11 تان بيٺل اميدوار لالا مجتبى ڪلهوڙو جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار حاجي محمد عيسى اوڏ ڀٽي کي هٿ کڻائي لالا مجتبى ڪلهوڙي کي اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو هو، مورو ميونسپل ڪاميٽي جي 12 وارڊن تي پولنگ جو عمل صبح ساڍي ست وڳي شروع ٿي جنهن ۾ مختلف پارٽين جي اميدوارن جي ووٽرن وڏي انگ ۾ پهچي پنهنجو ووٽ ڏنو جڏهن ته مورو شهر جي مختلف وارڊن ۾ انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ايتري قدر جو پوليس سان گڏ رينجرس جا جوان پوري مورو شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي گشت ڪندا رهيا ۽ پڻ اليڪشن دوران پ پ پ اڳواڻن سميت مسلم ليگ ن، قومي عوامي تحريڪ، جا اڳواڻ پولنگن جو گشت ڪندا رهيا ۽ پنهنجن پنهنجن ايجنٽن ۽ همدردن کان اليڪشن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا. پ پ جي مرڪزي رهنما، بزرگ سياستدان ۽ مورو جي عظيم سياسي سماجي شخصيت ۽ لبرل سياستدان رئيس خان محمد خان جمالي مورو ۾ پ پ جي اميدوارن جي ڪاميابي تي مورو جي عوام کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته مورو جي عوام جي جيتري به ساراھ ڪجي ته اها گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته مورو جي عوام هميشھ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ مورو جي عوام سان واعدو ٿو ڪريان ته مورو جي غريب ماڻهن هارين مزدورن پورهتين شاگردن مسڪينن ۽ مظلوم عوام جي هر ڏک سک ۾ اڳ وانگر هاڻي به ساڻس گڏ رهندس ڇاڪاڻ ته مورو جي عوام کي بخوبي خبر آهي ته مورو جي شهر جي ترقي ۽ شهرين جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گذريل پنجاھ سالن کان وٺي جاکوڙ ڪندو رهيو آهيان ۽ پڻ تاريخ شاهد آهي ته مان مورو جي غريب عوام سان سندن هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ گڏ رهندس ۽ جمالي هائوس جا دروزا غريب ماڻهن ۽ باشعور ماڻهن لاءِ هر وقت کليل آهن ۽ رهندا انهي موقعي تي عظيم سنڌي، جماڻي بخشل احمد موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *