پنجاب ۾ بدترين شڪست جا تفصيلي سبب ٻڌايا وڃن، بلاول جي ضلعي صدرن کي هدايت

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊن ۾ بدترين شڪست کان پوءِ پنجاب جي 12 ضلعن جي ضلعي سربراهن کان ناڪامي جا سبب گهريا آهن پارٽي ۽ حمايتي اميدوارن جو تفصيل به گهريو آهي زريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي انهن 12 ضلعن جي سربراهن کان رپورٽ گهري اهي جن ۾ پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون ٿيون بلاول زرداري ضلعي سربراهن کي هدايت ڪئي آهي ته کيس پارٽي جي بدترين شڪست کي سببن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو وڃي ان سان گڏ ئي هن ضلعي سربراهن کي پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ ۽ پارٽي جي حمايتي اميدوارن جون لسٽون موڪلڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي بلاول چيو آهي ته کيس آگاهه ڪيو وڇي ته پارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪيترن اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پارٽي ڪيترن آزاد اميدوارن جي حمايت ڪئي انهن مان ڪيترا اميدوار ڪامياب ٿيا ۽ ڪيترا ناڪام ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *