پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ملندڙ ڌمڪين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم نوازشريف وفاقي گهرو زوير چوڌري نثار علي خان چيف آر آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي فوري طور سيڪيورٽي فراهم ڪئيوڃي پنهنجي هڪ بيان ۾ الطاف حسين چيو ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ڳولي ڳولي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو پيو وڃي گذريل ڇهن مهينن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پنجاب جا 3 اڳواڻ شهيد ٿي چڪا آهن 18 جون 2014 تي لاهور ۾ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيئر اڳواڻ محترمه طاهره آصف کي دهشتگردن ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو 9 ڊسمبر 2014 تي سيالڪوٽ جي نائب صدر ڀائو محمد انور کي دهشٽگردن شهيد ڪيو ۽ 18 ڊسمبر 2014 تي ايم ڪيو ايم چنيوٽ ڊسٽرڪٽ جي سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري کي دهشتگردن ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشآنو بڻائي شهيد ڪيو پر اڃا تائين پنجاب حڪومت ڪنهن هڪ شهيد اڳواڻ جي قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو. الطاف حسين چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ۽ رابطا ڪميٽِ جي ميمبر ميان عطيق ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا جي صدر بئريسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي ٻين سينيئر اڳواڻن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻن ۽ حق پرست قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن پنجاب حڪومت جي ڪابينه جي ميمبرن کان بار بار مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي پر واعدن جي باوجود پنجاب حڪومت ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ حڪومت پنجاب اڃا تائين ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *