پنجاب ۽ سنڌ لاءِ 43 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي ضرورت پوندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾مڪاني چونڊن جو شيڊول 28 جولاءِ تي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪريٽري سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپڻ جي ضرورت آهي، وقت جي کوٽ سبب خانگي پرٽنگ پريس کان به بيلٽ پيپر ڇپرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جو اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، ايم ڊي پي سي پي ۽ ايس پـِي سـِي پـِي جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ ڪروڙين بيلٽ پيپر ڇاپڻا آهن، پنجاب لاءِ 31 ڪروڙ، سنڌ لاءِ 11 ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ 10 ڪروڙ بيلٽ پيپر به گهربل آهن. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ ڪنٽونمينٽ لاءِ 50 کان 50 لک بيلٽ پيپرز جي ضرورت پوندي، جنهن لاءِ 7 کان 8 مهينا گهربل آهن پر پرنٽنگ ڪارپوريشن جي مشينري پراڻي هئڻ سبب بيلٽ پيپرز ڇپرائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪريٽري شيرافگن چيو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ضرورت آهي، پرنٽنگ ڪارپوريشن، سڪيورٽي پرنٽنگ ۽ پوسٽ آفيس جي پرنٽنگ ڪمپني رڳو 11 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇپرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪريٽري چيو ته وقت جي کوٽ سبب خانگي پرنٽنگ پريسز کان به بيلٽ پيپرز جي ڇپائي تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ لاءِ 43 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي ضرورت آهي، ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول 28 جولاءِ تي جاري ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *