پنجاب ۽ سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرنامي مطابق سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌايو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي ووٽنگ جو عمل 9 بدران 10 ڪلاڪ بنا وقفي جاري رهندو اليڪشن ڪميشن مطابق پولنگ جو عمل صبح ساڍي ست وڳي شروع ٿيندو ۽ شام ساڍي پنج وڳي تائين جاري رهندو اليڪشن ڪميشن پولنگ جي عملي کي مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ اڳ پولنگ اسٽيسن پهچڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن جڏهن ته اهو به واضح ڪيوآهي ته پولنگ دوران ميڊيا نمائندن مبصرن کي اجازت نامي کان سواءِ چونڊ عمل ڏسڻ جي اجازت نه هوندي. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي پولنگ 31 آڪٽوبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *