پنجاب کي فائدو پهچائي ٻين صوبن ۾ محرومي وارو احساس پيدا ڪرڻ نه ٿا چاهيون : سعد رفيق

لاهور (م.ڊ)ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان پنجاب کي فائدو پهچائي ٻين صوبن ۾ محرومي وارو احساس پيدا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، معاشي لنگهه رٿا بابت وزيراعظم سوڌو سڀ وضاحت ڪري چڪا آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ريلوي کي پاڪ – چين معاشِي لنگهه مان فائدو ضرور ٿيندو پر اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اهي رٿائون سڄي ملڪ لاءِ آهن، تنهن ڪري ان کي ڪالاباغ ڊيم جيان تڪراري نه بڻايو وڃي، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 13 ارب رپين کان وڌيڪ جون رٿائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته پشاور-لاهور ريلوي ٽريڪ کي به اهميت جي بنياد تي ٻٽو ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا وارن جو ضد آهي ته ميٽروبس لاءِ ريلوي جي ئي زمين گهرجي،خواجا سعد رفيق چيو ته گوادر ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *