پنجاب حڪومت نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا نواز شريف جي جي ضمانت ۾ واڌ جي لاءِ درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نواز شريف طرفان ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي غور ڪيو ويو. ڪابينا ۾ پنجاب ڪابينا جي خاص ڪمٽي نواز شريف جي صحت بابت رپورٽ تي تجويزون پيش ڪيون جنهن جو ڪابينا جائزو ورتو. پنجاب ڪابينا چيو ته نواز شريف کي عدالت طرفان علاج جي لاءِ 8 هفتن جو وقت ڏنو ويو هو پر 25 فيبروري تائين ان وقت ۾ وڌيڪ 8 هفتا گذري چڪا آهن. ڪابينا جي ميمبرن چيو ته نواز شريف طرفان اهڙو ڪو به خاص ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو جنهن مان ثابت ٿي سگهي ته جنهن گرائونڊ تي نواز شريف کي پرڏيهه ملڪ موڪليو ويو ان ۾ واڌ جي ضرورت آهي. ذريعن موجب ڪابينا موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف بور ڊ ۽ ڪميٽي کي گهربل رپورٽ پيش ناهن ڪري سگهيا. پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت پريس ڪانفرنس جي ذريعي پنجاب ڪابينا جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته نواز شريف کي ڪجهه شرطن تي ضمانت ڏني وئي هئي، ميڊيڪل بورڊ هن جي رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هن وقت تائين لنڊن مان ڪا به خبر ناهي آئي ته نواز شريف جو آپريشن ٿيندو، هو 16 هفتن کان پوءِ ڪنهن اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو، ان ڪري قانوني، اخلاقي ۽ نه ئي ميڊيڪل بنيادن تي نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، فيصلو ڪيو آهي ته وفاق کي لکنداسين ته پنجاب حڪومت نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ نه ڏيندي. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته  کياسان نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻو آهي ۽ وفاقي حڪومت نواز شريف جي ضمانت بابت عدالت کي آگاهه ڪندي. پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو ته مون ڪڏهن به نه چيو هو ته نواز شريف کي علاج جي لاءِ پرڏيهه موڪليو وڃي، ان حوالي سان منهنجون گذريل پريس ڪانفرنسون ٻڌي وٺو. هن چيو ته نواز شريف جي ڪنهن اسپتال ۾ داخل نه ٿيڻ جو مطلب آهي ته ڪو به خطرو ناهي، هن جي ڊاڪٽر به اُهي ئي رپورٽون ملڪيون جيڪي هتان موڪليو ويون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *