پنجاب حڪومت جو دهشتگردي بابت 55 ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو فيصلو

لاهور (م.ڊ) پنجاب حڪومت دهشتگردي بابت 55 ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو چونڊيل ڪيس سڄي صوبي خاص ڪري لاهور راولپنڊي ۽ گجرانوالا ۾ دهشتگردي ٽوڙ جي 14 عدالتن ۾ پهريان کان ٻڌڻي هيٺ آهن ان ۾ 3 مارچ 2009 ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم تي حملو، 12 جولاءِ 2012 تي لاهور ۾ خيبرپختونخواهه مان آيل تربيت هيٺ 10 وارڊنز جو قتل ۽ 15 جنوري 2013 راولپنڊي جي راجا بازار ۾ فرقيواريڻي تڪرار جو ڪيس به شامل آهي خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ کاتي چونڊيل مقدمن جي لسٽ گهروکاتي کي اماڻي ڇڏي آهي صوبائي حڪومت کي هن وقت تائين وفاقي گهرو کاتي يا فوج پاران عسڪري عدالتن جي قيام جو باضابطا نوٽيفڪيشن موصول ناهي ٿيو ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي طئي ٿيل طريقيڪار تحت اهڙن ڪيسن جي چونڊ ۽ اڳتي وڌڻ جو اختيار دهشتگردي ٽوڙ کاتي وٽ آهي طريقيڪار مطابق کاتو اهڙا ڪيس منتقل ڪرڻ کان پوءِ ان جي لسٽ آءِ جي پوليس کي اماڻيندو جيڪو گهرو کاتي کي وزيراعليٰ جي منظوري جي درخواست ڪندو ان کان پوءِ گهرو کاتو پنهنجي لسٽ گهرو وزارت کي اماڻيندو جتي هڪ ڪميٽِ انهن ڪيسن جو جائزو وٺندي ۽ پوءِ آخر ۾ گهرو وزير حتمي منظوري ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *